اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي معاشي ترقي ۾ اهم قرار ڏيندي چي?? آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انهن جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قومن جي آبادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي تعاون سان ڪيو ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه ج?? واپاري طور حوالو ڏيندي چي?? ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورتن جي ڪاروبار ??رڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چي?? ته عورتون انٽرپيرينور تي زور ڏنو ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ عالمي منڊي ڳولين. هن عوامي جاين تي عورتن جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي سٺي طريقي سان ۽ ڪنهن سماجي دٻاءُ کانسواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن عورتن کي مالياتي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورتن جي وراثتي حقن جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قانوني حڪمت عملي سميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي اطمينان ظاهر ڪيو. هن چي?? ته هن وقت بئنڪون عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان هن چي?? ته گواهن جي پيش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇو ته انهن جي پيش نه ٿيڻ سان ڏوهارين کي فائدو ٿئي ٿو. صدر چي?? ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي حقن جو عظيم علمبردار هو، هن سدائين عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ??رڻ جي حمايت ڪئي، ڇو ته اهي آبادي جي اڌ حصي کان وڌيڪ آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب ک?? خطاب ڪندي چي?? ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انهن جي ترقي جي عزم جو ورجاءُ ??رڻ ۽ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. صدر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي اسٽالن جو دورو به ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
HSA’s Workforce export initiative to strengthen economy
-
Dr Asim is ill, mental condition also not stable: medical report
-
Experts advise Pakistan, Afghanistan to resolve issues on negotiating table
-
Girl killed over cooking dispute in Rawalpindi
-
USAID celebrates achievements of 5-year dairy project in Punjab
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس کی گیمنگ ویب سائٹ: نئے کھیلوں کی دنیا تک رسائی
-
گولڈن بلٹز انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ داخلہ کی تفصیلات اور اہمیت
-
Baccarat ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم: محفوظ اور پرکشش گیمنگ کا تجربہ
-
الیکٹرانک تحقیقات اور تفریح: قابل اعتماد ویب سائٹس کی اہمیت
-
امریکن بلیک جیک آفیشل گیم کی آفیشل ویب سائٹ پر کھیلنے کا مکمل گائیڈ
-
Hula ایپ گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ اور فوائد
-
PG سافٹ ویئر ایپس اور گیمز ویب سائٹس کی اہمیت