اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??ڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ا?? تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ??ڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ??ئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. ??ڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي ۽ ٽ??وب ويلز جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي پ?? جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
700,000-800,000 cusecs expected to reach Guddu Barrage next week
-
Cloudbursts and flash floods kill 43 across KP, GB, and AJK
-
Sukkur-Karachi motorway top priority of federal govt: minister
-
FPSC in process for revision of CSS syllabus, Senate informed
-
KP set to launch Safe City Project
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
US sanctions seven Pakistani entities
-
Caishenniu تفریحی ویب سائٹ - پریمیم آن لائن گیمنگ تجربہ
-
Flame Mask سرکاری ڈاؤن لوڈ
-
ڈریگن لیجنڈ آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ کا تعارف
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کا مکمل رہنما
-
ڈریگن لیجنڈ: تفریح کی دنیا کا نیا رخ